حاجي غلام قادر ڪنڀار

حاجي غلام قادر ڪنڀار: خاڪسار تحريڪ لاڙڪاڻي جي ڪارڪن ۽ سماجي خدمتگار حاجي غلام قادر ڪنڀار، 1912ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾جنم ورتو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ننڍپڻ ۾ خانداني ڌنڌي (ڪنڀارڪي ڪم) سان لڳي ويو. 1931ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ماتا سبب روزانو قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ لڳيون ته اهڙي حالت ڏسي حاجي غلام قادر ۾ سماجي خدمت جو جذبو جاڳيو ۽ هن موذي مرض ۾ فوت ٿيلن کي دفنائڻ ۽ مريضن جو علاج ڪرائڻ لڳو. حاجي غلام قادر، 1931ع ڌاري ’خاڪسار تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ۾ وڏن اسلامي جلسن ۽ جلوسن ۾ پيش پيش رهيو ۽ ’انجمن اسلامي صديقي‘ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. ’ڪنڀر‘ هجڻ جي ڪري انساني عضون کي ڳنڍڻ جو ڪم نهايت مهارت سان ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته حقيقي ’عبادت انسانيت جي خدمت‘ ڪرڻ آهي. حاجي غلام قادر 1996ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو